Jump to content

User:Tasleem Abbasi

From Wikipedia, the free encyclopedia
                         ادريس عاجز عباسي: خيرپور کي تاريخ ۾ محفوظ ڪندڙ اديب
                          حزب الله آءِ سومرو 

اديب، شاعر قومن جو نه فقط شعور ٿين ٿا پر قومن جي تاريخ ٿين ٿا شاعر، ڪالم نگار ۽ ڪهاڻيڪار قومن جو درد، مسئلا، ساڻن ٿيندڙ ظلمن ۽ استحصال کي پنهنجي تحريرن ۾ ڏئي قومن جو آواز بڻجن ٿا، قومن جي تاريخ لکن ٿا، محقق ۽ نقاد وري انهن شين جو ڇيد ڪن ٿا، پنهنجي علائقي جي عالمن، اديبن، سگهڙن، سياستدانن، حڪمرانن، ملهن، ڳائڻن ۽ زندگيءَ جي واسطو رکندڙ ٻين شعبن جي ماڻهن کي لکڻين ذريعي تاريخ ۾ محفوظ ڪن ٿا، ليکڪن ۽ شاعرن جون تحريرون سندن علائقن جو عڪس هونديون آهن. ادريس عاجز عباسي شاعر سان گڏ مضمون نگار محقق ۽ نقاد هو، هن منهنجي رهنمائي ۾ ڪيترائي مضمون ۽ مقالا لکيا جيڪي مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ شايع ٿيندا رهيا جن مان ڪجهه کي گڏ ڪري “پانڌي ۽ پروڙ” نالي سندس ڪتاب ۾ شايع ڪيا ويا، سندس اڪثر تحريرون گمبٽ، سوڀوديرو، ڪنگري، خيرپور جي تعلقن جي چوڌاري گهمن ٿيون، جيڪڏهن سندس ڪتاب “پانڌي ۽ پروڙ” کي پڙهبو ته ڪن ٿورن مضمونن کان سواءِ باقي مضمون خيرپور جي ترجمان ڪين ٿا. مضمون “درگاهه کهڙا شريف جي مخدوم صاحبان جو ذڪر” ۾ تاريخي منظر کان پوءِ مخدوم محمدي ۽ شاهه لطيف جي ملاقات، پير محمد راشد روزي ڌڻي جو کهڙا سان تعلق، مخدوم محمد اسماعيل پيريالوئي جو کهڙن جي مخدوم سان تعلق بيان ڪيو اٿس ۽ آخر ۾ جامع مسجد ۽ مخدوم شهيدن جي مقبري جو بيان آهي مضمون “سنڌ جو مهان شاعر؛ سيد پير علي شاهه، ارمان موسوي” ۾ گمبٽ ڀرسان هن درگاهه جي بزرگ جي سوانح ۽ شاعريءَ جو جائزو پيش ڪيو اٿس. مضمون “سچل سرمست” هڪ سچو عاشق ۾ سچل سرمست جي فڪري پاسي کي نروار ڪيو اٿس مضون “درگاهه درازن جو خاص خليفو ميان ميان چنيهه فقير اڄڻ ۾ درگاهه جو پس منظر ۽ تعارف ڏنو اٿس مضمون صوفي شاعر فقير صادق علي ڪنڀر ۾ سوڀوديري جي هن شاعر جي سوانح حيات ۽ شاعري ڏني اٿس، مضمون عبدالرحمان مهيسر شخصيت فن ۽ فڪر تي هڪ نظر ۾ ڪنگري تعلقه جي هن جڳ مشحور سگهڙ جي سوانح حيات ۽ فڪري جائزي سان گڏ ان جي شاعري ڏني وئي آهي. مضون “اسين ناهيون اوپرا جو تنقيدي جائزو” ۾ گمبٽ جي شاعر نياز ملاح جي “شعري مجموعي” “اسين ناهيون اوپرا” جو تنقيدي جائزو پيش ڪيو ويو آهي. مضون “تعقله گمبٽ ۽ آسپاس جي شاعرن جو ذڪر” ۾ گمبٽ جي تاريخي پس منظر ۽ ان جي آسپاس يعني ڪيٽگري ۽ سوڀوديري جي تعلقن جي جن شاعرن جي سوانح عمري ۽ شاعري ڏني وئي آهي تن ۾ سيد محمد بقا، ميان صاحبڏنو فاروقي، پير محمد راشد، سچل سرمست فاروقي، نانڪ يوسف، پيرو شاهه، شير خان ڀنڀرو، فقير صادق علي ڪنڀر، سيد ريجهه علي شاهه، خالد فقير ڪلهوڙو، ميان فيض محمدعباسي، ڊاڪٽر تنوير عباسي، راز راضيديرائي، سيد احمد علي شاهه، ڊاڪٽر ارباب علي شر، سيد پير علي شاهه ۽ فقير عبدالرحيم عبد منڱريو انهن شاعرن ۾ هڪ ڳالهه يڪسان آهي ته اهي سڀ وفات شده آهن هن مضمون ۾ ڪيترا اهڙا شاعر آهن جن جو تذڪرو اڳ ڪنهن تاريخ تذڪري ۾ نه ٿيو آهي. مضمون “صوفي شاعر: نظر لاکائي” ۾ گمبٽ تعلقه جي مشهور شاعر نظر لاکا.ئي مرحوم جي تعارف فن ۽ فڪر تي روشني وڌي وئي آهي، مضمون ميان فيض محمد عباسي هڪ شاعر، اديب ۽ سياستدان ۾ گمبٽ تعلقه جي شاعر، اديب ۽ سياستدان ميان فيض محمد عباسيءَ جي خانداني پس منظر ۽ سوانح حيات ۽ شاعريءَ تي لکيل ڪجهه تفصيل سان لکيو ويو آهي مضمون “سچل جو ٻالڪ: صوفي نانڪ يوسف” ۾ پنهنجي پاڙيسري جڳ مشهور صوفي شاعر نانڪ يوسف جي سوانح عمري لکي وئي آهي. اوهان ڏسندئو ته هن مختصر وقت ۾ ڪيترو نه خيرپور جي عڪاسي ڪئي آهي ڪيئن نه خيرپور جي مختلف پاسن کي تاريخ جو حصو بڻايو اٿس، جيڪڏهن صحت ۽ عمر سندس اڃا وفا ڪري ها ته هو اڃا به وڌيڪ خيرپور سميت سنڌ جي تاريخ کي محفوظ ڪري ها.